بلوچستان جي مختصر تاريخ

بلوچستان جي مختصر تاريخ (ڪتاب ):هن ڪتاب جو مصنف رحيمداد خان مولائي شيدائي آهي. 153 صفحن وارو هيءُ ڪتاب، نوٽ بوڪ سائيز ۾ آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو سال 1941ع ۾ ايس. جي آڏواڻيءَ اليڪٽرانڪ پرنٽنگ پريس، سکر ۾ ڇپيو. ڪتاب جو مُلهه 2 رپيا آهي. هن ڪتاب ۾ بلوچستان جي علائقائي تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب بابت مواد ڏنل آهي. ان کان سواءِ بلوچستان جي سردارن ۽ تاريخي اڳواڻن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو